ڇا مهوش حيات ۽ شاهه وير جعفري شادي ڪري ورتي آهي..؟؟

news

لاهور: (اڱارو 22 نومبر 2019ع) پاڪستاني ڄائي ڪينيڊين يو ٽيوبر شاهه وير جعفري ۽ مهوش حيات جي شادي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيون آهن جنهن کي ڏسي مداح حيران آهن ته ڇا واقعي ٻئي ڄڻا شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا آهن.

يو ٽيوب تي مزاحيه وڊيوز اپ لوڊ ڪري شهرت ماڻيندڙ پاڪستاني ڄائي ڪينيڊين يو ٽيوبر شاهه وير جعفري پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون آهن جن ۾ مهوش حيات ڪنوار ۽ هو پاڻ گهوٽ بڻجندي تمام گهڻو خوش ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن. جڏهن ته ٻنهي جي گاڏي جي اڳيان شادي شده جو بورڊ به لڳل آهي.

دلچسپ ڳالهه ته اها آهي ته شاهه وير جعفري تصوير سان گڏ لکيو آهي ته مهوش حيات توسان شادي ڪري تمام سٺو لڳو پوءِ ڪڏهن ڪٿي ملنداسين. حيرت جي ڳالهه ته اها آهي ته مهوش حيات به شاهه وير جعفري کي جواب ڏيندي لکيو آهي ته جلد ئي ملنداسين. شاهه وير جعفري طرفان شيئر ڪيل ان تصوير تي مداح حيران آهن. ڪيترائي ماڻهو ته ڪاوڙ وچان اهو به چئي رهيا آهن ته اسان کي شادي جو دعوتنامو به نه موڪليو ويو جڏهن ته ڪجهه ماڻهو ٻنهي کي نئين زندگي جي شروعات ڪرڻ تي دعائون به ڏئي رهيا آهن انسٽا گرام تي شيئر ڪيل هڪ ٻئي تصوير ۾ شاهه وير ۽ مهوش سان گڏ مشهور پاڪستاني ڳائڻو ابرارالحق به نظر اچي رهيو آهي جنهن مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته ٻنهي ڄڻن حقيقي طور تي شادي ناهي ڪئي پر ٿي سگهي ٿو ته ٻنهي گڏجي ڪنهن ميوزڪ وڊيو ۾ ڪم ڪيو هجي جنهن جي تصوير شاهه وير مداحن سان شيئر ڪئي آهي.