لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو جي دماغي بيمارين جي شعبي پاران سيمينار منعقد، دماغي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن ۽ ٻين جي شرڪت

news

ڄامشورو(رپورٽ: حيات ميراڻي) اڱارو 22 آڪٽوبر 2019ع، لياقت  ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو جي دماغي بيمارين جي شعبي پاران  ٻارڙن ۾ پيدا ٿيندڙ دماغي بيماري (هائيڊروسيفالس ۽ اسپائنا بيفيڊا) تازي ڄاول ٻارڙن جا وڏا مٿا هجڻ يا مٿي ۾ وڌيڪ پاڻي هجڻ  جي حوالي سان هڪ ڏينهن جو سيمينار منعقد ڪيو ويو۔

  جنهن ۾ سڄي سنڌ مان دماغي بيمارين  جي ماهر ڊاڪٽرن سان گڏ مختلف بيمارين جا ناليوارن ڊاڪٽرن شرڪت ڪئي.

  تقريب کي خطاب ڪندي  تقريب جي ميزبان ۽ لمس دماغي شعبي جي انچارج پروفيسر ڊاڪٽر رياض احمد راجا پنهنجي آجياڻي خطاب ۾ چيو ته  هن وقت دنيا ۾ هن بيماري مان متاثر ٿيندڙ ٻارڙن جو تعداد 3 لک کان مٿي آهي ۽ صرف آمريڪا ۾ 8 لک ڊالر مهيني جا هن مرض جي هڪ مريض جي مٿان خرچ اچي رهيو آهي.

  هي بيماري  تيزي سان اسان جي ملڪ ۾ به وڌي رهي آهي جنهن  کي روڪڻ  تڏهن ممڪن آهي جڏهن هر بيماري جا ماهر گڏجي هن جي لاءِ ڪم ڪن  نه ته اهڙي قسمن جي ٻارڙن ۾ معذوري تيزي سان وڌندي.  ان موقعي تي لمس جي دماغي شعبي جي ڊاڪٽر پير اسد عزيز پنهنجي خطاب ۾ چيو ته  هن بيماري جا متاثر ٻار پيدائشي طور وڏي مٿي جا هوندا آهن .۽ اهڙن ٻارن جي پيدائش کان اڳ ئي  ڳورهاري عورت جو ٽن مهينن دوران الٽراسائونڊ ڪرائڻ سان ڊاڪٽر کي خبر پئجي وڃي ٿي .

پر دنيا جي ٻين ملڪن ۾ اهڙن ٻارن کي پيدائش کان اڳ ئي ان جي معذوري سبب ان ٻارکي ضايع ڪيو ويندو آهي. پراسان سميت اسلامي ملڪن ۾ اهڙن ٻارن کي پيدا ڪيو ويندو آهي.

هن چيو ته اهڙي ٻارن جي حوالي سان  2018ع ۾  لمس يونيورسٽي ڄامشورو ۾ هڪ اسٽڊي ڪئي وئي جنهن ۾   سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ هزار ٻارن مان 9./13 سيڪڙو ٻار هن بيماري کان متاثر هئا.

2018ع ۾ لمس جي دماغي بيماري جي شعبي ۾ 400 ٻارڙا هن بيماري کان متاثر ٿي داخل ٿيا جنهن ۾ 375 جو  آپريشن ذريعي علاج ڪيو ويو هن وقت اسان جي ملڪ ۾ هن بيماري لاءِ ٻن قسمن جو آپريشن ڪيا ويندا آهن جنهن  هڪڙو طريقو شنٽ لڳائي ۽ ٻيو طريقو اينڊواسڪوپي ذريعي ڪيو ويندو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته عورتون  پيٽ ٿيڻ کان اڳ ۽ ٻار جي پيدائش  جي ٽن مهينن تائين  فولڪ ايسڊ جي گوري کي روزانا استعمال ڪري پنهنجي ٻارن کي هن موذي مرض مان بچائي سگهن ٿا..  يونيورسٽي آف ماڊرن اسٽڊيز ٽنڊومحمد خان جي چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر جان محمد ميمڻ  چيو ته  اسان جي سماج ۾ هر عام ماڻهو کي صحت جون سهولتون ملي رهيون آهن يا نه  اهيو هڪ اهم سوال  اڄ به اسان جي سماج لاءِ هڪ وڏو الميو آهي جيستائين تعلقي سطح تي عام ماڻهو کي علاج جون بهتر سهولتون نٿيون ملن تيستائين صحتمند معاشرو بڻجي نه سگهندو.

  گورنمينٽ کي به کپي ته هيٺين ليول تي صحت جي حوالي سان جوڳا اپاءَ وٺي عام ماڻهن کي سهولتون مهيا ڪن. وفاقي حڪومت پاران پي ايم ڊي سي کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان  هن چيو ته  اسان صحت شعبي سان وابسطا ماڻهن جي بدقسمتي آهي  ته اڄ تائين اسان پنهنجو ڪو  اهڙو ادارو قائم نه ڪري سگهيا آهيون  جيئن  انجينئرن لاءِ پاڪستان انجينئرنگ ڪائونسل هڪ بهترين ادارو آهي . 1962ع کان اڳ ۾  سنڌ جي مڊيڪل ڪاليجن لاءِ سنڌ ميڊيڪل ڪائونسل سٺي نموني سان ڪم ڪري رهي هئي هاڻ به ضرورت ان ڳالهه جي آهي اهڙا ادارا قائم ڪيا وڃن.

  هن چيو ته  عام ماڻهو جڏهن حادثي جو شڪار ٿي اسپتال ۾ اچي ٿو ته  ان حادثي سبب ان شخص کي 8 سيڪڙو  پيٽ جي زخمن جو ۽ 92 سيڪڙو مٿي ۾ڌڪ هوندا آهن  جنهن لاءِ ضروري آهي ته  هن شعبي کي هٿي وٺرائي ماڻهن کي بهتر علاج ڏئي سگهجي. 

جناح پوسٽ گريجيوئٽ ميڊيڪل سينٽر ڪراچي جي ماهر ڊاڪٽر  پروفيسر ڊاڪٽر رشيد جمع خان  چيو ته  هن بيماري کان متاثر ٻارن جي زندگي  ڏکن سان ڀريل هوندي آهي  ۽ انهن جي لاءِ زندگي جوجيئڻ جو ڪو به مقصد نه هوندو آهي  اهي ٻار وڏا ٿي به والدين تي وزن هوندا آهن  ۽ ڪامپليڪس ۽ ڊپريشن جو شڪار ٿي اڪثر پنهنجي زندگي ختم ڪرڻ جو سوچيندا آهن.

  هن چيو ته   هن بيماري  کان بچڻ لاءِ  اهڙا اپاءُ ورتا وڃن  ته جيئن اسان جو ايندڙ نسل هن بيماري مان محفوظ رهن.  ان موقعي تي لمس جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر بيکارام ديوراجاني، پروفيسر ڊاڪٽر سهيل عالماڻي، پروفيسر ڊاڪٽر ساجده يوسفاڻي، لمس جي ميڊيڪل سپريڊنٽ ڊاڪٽر مبين احمد ميمڻ،  پروفيسر ڊاڪٽر شمس رضا بروهي، پروفيسر ڊاڪٽر سلمي شيخ. پروفيسر ڊاڪٽر راحيل سڪندر، پروفيسر ڊاڪٽر جاويد الطاف، پروفيسر ڊاڪٽر  اسدالله مخدوم ، پروفيسرجميل احمد جوڻيجو، ڊاڪٽر حامد،  پروفيسر ڊاڪٽر خالده ناز، ڊاڪٽر محمد علي ٻوهيو،  ڊاڪٽر انيلا شيبا،  ڊاڪٽر لالا جعفر ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.