ٽنڊو محمد خان لڳ ڳوٺ نانگو شاهه لنڪ روڊ تي ڪچي مان ستر سالن جي پيرسن جو لاش هٿ

news

ٽنڊو محمد خان: اڱارو 22 آڪٽوبر 2019ع، ٽنڊو محمد خان لڳ ڳوٺ نانگو شاهه لنڪ روڊ تي ڪچي مان70 سالن جي پيرسن جو پرسرار طور تي لاش هٿ آيو آهي .

جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي . ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڪچي مان مٽيءِ کڻندڙ ٽريڪٽر ٽرالي جي پيرسن مٿان چڙهي وڃڻ ڪري پيرسن جو موت واقعي ٿيو آهي .

تعلقي ٽنڊو محمد خان ٿاڻي جي پوليس لاش ڊسٽرڪٽ سول اسپتال پهچايو آهي .

جتي ضروري ڪاغذي ڪاروائي ڪرڻ کانپوءِ لاش کي اسپتال جي مرده خاني ۾ رکيو ويو آهي۔