ٽنڊوڄام لڳ مراد شاهه درگاهه تي جاري مراد شاهه ناڪ آئوٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ مير اليون ٽنڊوڄام کٽي ورتو

news

ٽنڊوڄام  :اڱارو 22 آڪٽوبر 2019ع، ٽنڊوڄام لڳ مراد شاهه درگاهه تي جاري مراد شاهه ناڪ آئوٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ مير اليون ٽنڊوڄام کٽي ورتو.

خبر موجب ٽنڊوڄام ويجهو مراد شاهه درگاهه ڪرڪيٽ گرائونڊ تي جاري مراد شاهه ناڪ آئوٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائينل مير اليون ٽنڊوڄام ۽ بهراڻي اليون وچ ۾ کيڏيو ويو.

جنهن ۾ مير اليون جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 10 اوورن 160 رنسون ٺاهيون. مير اليون پاران امان الله 70 رنسن جي بهترين اننگ کيڏي. جواب ۾ بهراڻي اليون جي ٽيم 110 رنسن تي ڍير ٿي ويئي.

انهي موقعي تي مهمان خاص  پ پ اڳواڻ طاهر حسين پهوڙ ونر ٽيم جي ڪپتان واجد پٺاڻ ۽ رنر ٽيم جي ڪپتان آصف بهراڻي کي ٽرافي ڏني.

جڏهن ته انهي موقعي تي ٽورنامينٽ آرگنائزر محمد علي پهوڙ، سيف الله ٻگهيو، جاويد ڀرڳڙي، علي بخش جکرو، نجيب الله، سڪندر پهوڙ ۽ ٻيا موجود هئا.