آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو بلوچ ريجمينٽ سينٽر ايبٽ آباد جو دورو

news

راولپنڊي: پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ايبٽ آباد جو دورو ڪيو آهي ۽ ليفٽيننٽ جنرل اظهر عباس کي ڪرنل ڪمانڊنٽ بلوچ ريجمينٽ جا بيجز لڳايا.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه بلوچ ريجمينٽ سينٽر ايبٽ اباد جو دورو ڪيو آهي ۽ بلوچ ريجمينٽ جي ڪرنل ڪمانڊنٽ انسٽاليشن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان دوران آرمي چيف يادگار شهداءِ تي حاضري ڀري ۽ گل چاڙهيا.

آءِ ايس پي آر موجب دوري دوران آرمي چيف بلوچ ريجمينٽ جي ڪردار ۽ ڪاميابين کي ساراهيو ۽ ليفٽيننٽ جنرل اظهر عباس کي ڪرنل ڪمانڊنٽ بلوچ ريجمينٽ جا بيجز لڳايا. تقريب ۾ حاضر سروس ۽ رٽائرڊ آفيسرن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ هو ته بلوچ ريجمينٽ جو داخلي سيڪيورٽي آپريشنز ۾ ڪردار اهم رهيو آهي.