سرن جي بٺي تي مزدوري ڪندڙ پنجاهه سالا پورهيت ٽريڪٽر ٽرالي هيٺيان اچي چيڀاٽجي فوت

news

ٽنڊو محمد خان: اڱارو 22 آڪٽوبر 2019ع، سرن جي بٺي تي مزدوري ڪندڙ مشترڪه ڪالوني جو رھواسي 50 سالا پورھيت مزار گل پٺاڻ ٽريڪٽر تا ڪري ٽرالي ھيٺان اچي چيڀاٽجي موقع تي فوت ٿي ويو۔

سندس لاش کي سول اسپتال آندو ويو آھي,  فوتي سرن جي بٺي تي مزدوري ڪرڻ بعد واپس گھر طرف اچي رھيو ھو ت بوائز ڪاليج وٽ ٽريڪٽر مان ڪري ٽرالي ھيٺان اچي فوت ٿي ويو۔