آصف زرداري پمز جي دل جي بيمارين واري شعبي جي پرائيويٽ وارڊ ۾ منتقل

news

اسلام آباد: پمز اسپتال جي انتظاميا دل جي بيمارين واري شعبي جي پرائيويٽ وارڊ کي سب جيل قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي.

رپورٽ موجب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي طبعيت بگڙجڻ سبب ٻنپهرن جو هڪ وڳي پمز اسپتال نيو ويو هو. جتي ان جي بلڊ پريشر، شوگر سميت چيلهه جي تڪليف جو چيڪ اپ ڪيو ويو ۽ ڪارڊيڪ ٽيسٽ به ڪيا ويا.

پمز اسپتال جي ترجمان ڊاڪٽر وسيم خواجا موجب ڊاڪٽرن جي مشوري تي صدر آصف زرداري کي دل جي بيمارين واري شعبي ۾ داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پمز اسپتال جي انتظاميا دل جي بيمارين واري شعبي جي پرائيويٽ وارڊ کي سب جيل قرار ڏيڻ جي لاءِ اڊيالا جيل راولپنڊي جي سپرنٽينڊنٽ کي خط لکي ڇڏيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نيب جي ٽرائل هيٺ آصف زرداري کي ڊاڪٽرن جي مشوري تي اسپتال ۾ رکيو ويو آهي، تنهن ڪري مختص وارڊ کي سب جيل قرار ڏنو وڃي.

خط جي ڪاپي چيف ڪمشنر اسلام آباد، آءِ جي پوليس اسلام آباد، ڊپٽي ڪمشنر آءِ سي ٽي، ڊي جي نيب ۽ وفاقي سيڪريٽري صحت جي پي ايس کي به موڪلي وئي آهي.