ڪجهه طاقتون پاڪستان جي ترقي ڏسڻ نٿيون چاهين: وزيراعظم

news

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته ڪجهه طاقتون پاڪستان جي ترقي ڏسڻ نٿيون چاهين، اهڙيون طاقتون ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي اڳواڻن جو اجلاس وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ پارٽي بياني تي مشاورت ڪئي وئي. اجلاس ۾ اپوزيشن جي آزادي مارچ تي به مشاور ڪئي وئي، اجلاس ۾ والاريل ڪشمير جي تازه صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

ان موقعي تي وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان معاشي طور تي مستحڪم ٿي رهيو آهي، ڪجهه طاقتون پاڪستان جي ترقي ڏسڻ نٿيون چاهين. اهڙيون طاقتون ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن.

عمران خان جو چوڻ آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو کانپوءِ ڀارت جو چهرو سڄي دنيا جي سامهون اچي ويو آهي، ڪشمير ۾ ڀارتي جبر ۽ ظلم جاري آهي.

وزيراعظم عمران خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪي پاڪستان کي معاشي طور تي مضبوط نٿا ڏسي سگهن اهي ملڪ جي خلاف سازشون ڪري رهيا آهن.

وزيراعظم ملڪي معيشت جي حوالي سان حقيقتون سامهون آڻڻ جي لاءِ اها ذميواري پارٽي اڳواڻن کي سونپي ڇڏي آهي.