ڊيره اسماعيل خان ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي ٻه دهشتگرد مارجي ويا

news

ڊي آءِ خان(اربع 23 نومبر 2019ع) پوليس جي دهشتگردي جي خاتمي واري(سي ٽي ڊي) ڊيره اسماعيل خان ۾ ڪارروائي ڪندي مبينه 2 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.

پوليس موجب ڊيره اسماعيل خان جي علائقي رمڪ ۾ سي ٽي ڊي اهلڪارن دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع ملڻ تي هڪ گهر تي ڇاپو هنيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڇاپي دوران دهشتگردن سي ٽي ڊي اهلڪارن تي فائرنگ شروع ڪري ڏني  جنهن کان پوءِ جوابي ڪارروائي ۾ 2 مبينه دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته حوالدار نور علي شاهه شهيد ۽ سپاهي زخمي ٿي پيو.

پوليس ٻڌايو ته واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري موقعي تي پهچي وئي ۽ علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.