ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ موسم جهڙالو رهندو: ٿڌ ۾ واڌ جو امڪان

news

اسلام آباد: (اربع 23 نومبر 2019ع) موسميات کاتي موجب اڄ پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ موسم خشڪ رهندو جڏهن ته مٿانهين خيبرپختونخواهه، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ موسم جهڙالو رهڻ جو امڪان آهي.

مٿانهين علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي کِنوڻ سان گڏ برسات ۽ پهاڙي علائقن ۾ هلڪي برفباري جو امڪان آهي. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ اربع جي صبح گرمي پد 20 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ موسم صاف رهيو. جڏهن ته اڄ ڪراچي جو موسم وچولو ۽ خشڪ رهندو. صبح جي وقت گرمي پد 23 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو وڌ کان وڌ 37 تائين وڃي سگهي ٿو.

موسميات کاتي موجب پنجاب جي ضلعن مري، راولپنڊي، اٽڪ، جهلم، چڪوال ۽ سرگودها ۾ موسم جهڙالو رهندو جڏهن ته ٻين ضلعن ۾ خشڪ رهندو. بلوچستان ۽ سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ به موسم خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته خيبرپختونخواهه، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي مختلف ضلعن ۾ موسم جهڙالو رهند.و.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم خشڪ جڏهن ته اترين علائقن ۾ موسم ٿڌو رهندو. سڀني کان گهٽ گرمي پد ڪالام ۽ اسڪردو 01، استور ۽ قلات ۾ 03 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.