مولانا فضل الرحمان تي پابندي جي خلاف درخواست ٻڌڻ نه جوڳي قرار ڏيندي رد ڪئي وئي

news

اسلام آباد: (اربع 23 نومبر 2019ع)عدالت جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان جي خلاف پابندي جي درخواست ٻڌڻ نه جوڳي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.

هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله شاهه جهان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست ڏيندڙ استدعا ڪئي ته مولانا فضل الرحمان تي ادارن جي خلاف تقرير  سبب پابندي لڳائي وڃي.  هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ٻڌايو ته اسان جي باري ۾  تمام گهڻو ڳالهايو وڃي ٿو.

اهڙين ڳالهين سان ڪنهن تي ڪوبه فرق نه پوندو آهي. جج چيو ته مون کي ٻڌايو ته اسان کي ڇو ڪنهن کي روڪڻ گهرجي. ملڪ ۾ اظهار جي آزادي هجڻ گهرجي. چيف جسٽس اطهر من الله ٻڌڻ دوران چيو ته گلوبل ورلڊ آهي سوشل ميڊيا جو دور آهي اوهان ڪنهن ڪنهن کي روڪيندو.

اسان جا پنهنجا ڪردار اهڙا هجڻ گهرجي جو اسان کي ڪير به ڪجهه نه چوي. ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به جمعيت علماءِ اسلام جي آزادي جي خلاف به ٻه درخواستون رد ڪري چڪي آهي.