اسيمبلي جي سمورين اپوزيشن پارٽين جي استعيفيٰ ڏيڻ جي تجويز غور هيٺ آهي: مولانا فضل الرحمان

news

اسلام آباد: (اربع 23 نومبر 2019ع) جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسيمبلين مان سموري اپوزيشن جي اجتماعي استعيفيٰ جي تجويز غور هيٺ آهي پر ان حوالي سان فيصلو مناسب وقت تي ڪنداسين.

عالمي ميڊيا جي نمائندن سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت جو مينڊيٽ جعلي آهي جنهن کي شروع کان وٺي ناهي مڃيو. آزادي مارچ جي حوالي سان ڳالهائيندي جي يو آء(ف) جي اڳواڻ چيو ته اسان جو ڌرڻو نه پر مارچ ٿيندو جنهن جي مدت وڌيڪ نه هوندي. مولانا فضل الرحمان چيو ته آزادي مارچ روڪڻ تي ڪابه ڊيل يا سمجهوتو نه ٿيندو ۽ نه ئي وزيراعظم جي استعيفيٰ جي مطالبي تان پوئتي هٽنداسين.

هن چيو ته گرفتاري يا نظربندي جو ڪوبه خوف ناهي جيڪڏهن اسان جي مرڪزي قيادت کي گرفتار ڪيو ويو ته جوابي پلان به تيار آهي. ياد رهي ته جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان چونڊن ۾ ڌانڌلي جي خلاف 27 آڪٽوبر تي مارچ جو اعلان ڪري رکيو آهي جنهن ۾ کيس مسلم ليگ(ن) پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي سميت ٻين اپوزيشن پارٽين جي حمايت حاصل آهي.

ٻئي طرف حڪومت اپوزيشن جي رهبر ڪميٽي سان ڳالهين جي لاءِ بچاءُ واري وزير پرويز خٽڪ جي سربراهي  ۾ هڪ ڪميٽي ٻه قائم ڪئي آهي. حڪومت ۽ اپوزيشن جي ڪميٽي جي وچ ۾ ڌرڻي جي حوالي سان باقاعده رابطو به ٿي چڪو آهي.