مصباح الحق سان به تمام جلد سرفراز احمد وارو حشر ٿيندو: عاقب جاويد

news

لاهور: (اربع 23 نومبر 2019ع) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ لاهور قلندر جي ڊائريڪٽر عاقب جاويد چيو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جون پاليسيون سمجهه کان ٻاهر آهن ۽ سمجهه ۾ نه پيو اچي ته هو ڪرڻ ڇا ٿا چاهين. ڇو ته هڪ سيريز ۾ ڪرڪيٽ جي شوقينن ۽ ميڊيا طرفان تنقيد ڇا ٿي بورڊ پنهنجي ئي ڪيل فيصلن کي تبدل ڪري ڇڏيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي عاقب جاويد چيو ته پهريان سرفراز احمد تي اعتماد جو اظهار ڪيو ويندو آهي ۽ ان کي ٽن فارميٽ جو ڪپتان مقرر ڪيو وڃي ٿو پر سيريز تي تنقيد کان پوءِ سڀ ڪجهه تبديل ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته بورڊ مصباح الحق کي به بااختيار ڪيو آهي پر هڪ شخص کي سمورا اختيار ڏنا وڃن ته پوءِ جيتري گهڻي تنقيد ٿيندي ته فيصلا به ان تيزي سان تبديل ٿيندا. مان سمجهان ٿو ته مصباح الحق سان جلد ئي سرفراز احمد وارو حشر ٿيندو.

عاقب جاويد سرفراز کي ايندڙ سال ورلڊ ڪپ تائين پاڪستان جو ڪپتان ٺاهڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سرفراز احمد پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ٽيم کي ورلڊ نمبر ون ٽيم ٺاهيو. ان کان علاوه سرفراز احمد کان ڪهڙي توقع ڪري سگهجي ٿي. عاقب جاويد مئنيجنگ ڊائريڪٽر پي سي بي وسيم خان کي تنقيد جو نشانو بنايو ۽ چيو ته وسيم خان جا پنهنجا فيصلا ڪٿي آهن. هو انگلينڊ کان آيو آهي هن سڀ ڪجهه مصباح الحق کي  ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ تبديليون به پيٽرن پي سي بي ۽ وزيراعظم عمران خان جي چوڻ تي ڪيون ويون آهن ته وسيم خان پاڻ ڇا ڪيو آهي.

پهريان انضمام الحق آيو ته ان سڀ ڪجهه هاءِ جيڪ ڪري ورتو ۽ هاڻ مصباح الحق جي مرضي هلي رهي آهي جنهن کي چاهين ٿا ٽيم ۾ شامل ڪري ٿا وٺن ۽ جنهن کي چاهين ٿا ڪوچز ٺاهي ٿا ڇڏين. آسٽريليا جي دوري لاءِ چونڊيل ٽيم جي حوالي سان عاقب جاويد چيو ته محمد عرفان اڄ سٺو آهي ته پوءِ ان جا 4 سال ڇو ضَايع ڪيا ويا. محمد عرفان کي ٽنهي  فارميٽ ۾ کيڏائي ان جو عروج ختم ڪيو ويو ۽ هاڻ وري کيس واپس گهرايو ويو آهي.