رابي پيرزاده نريندر مودي تي خودڪش حملو ڪرڻ واري خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو

news

ڪراچي: (اربع 23 نومبر 2019ع) مشهور پاڪستاني ڳائڻي رابي پيرزاده ڪشميرين تي ڪيل ظلم جو بدلو وٺڻ جي لاءِ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي جان کان مارڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي.

گلوڪاره رابي پيرزاده پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هن جي جسم تي بم ٻڌل نظر اچي رهيو آهي. رابي پيرزاده ان تصوير سان گڏ خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته هو هٽلر مودي مٿان ڪشميرين تي ظلم ڪرڻ سبب خودڪش حملو ڪرڻ چاهي ٿي.

رابي پيرزاده طرفان شيئر ڪيل تصوير تي پوري ڀارتي ميڊيا ۾ اها تصوير وائرل ٿي وئي ۽ ڀارتي ميڊيا ۾ اهي خبرون هلي رهيو هيون ته رابي پيرزاده نريندر مودي تي خودڪش حملو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. ٻئي طرف ڪجهه پاڪستانين سوشل ميڊيا تي ان جي پوسٽ جي واکاڻ به ڪئي.

جنهن کان پوءِ رابي پيرزاده اها تصوير پنهنجي سمورن سوشل ميڊيا اڪائونٽن تان هٽائي ڇڏي  آهي. پر هن اها تصوير هٽائڻ جو سبب ناهي ٻڌايو.