پاڪستان جي سچ ڀارتي ڪوڙ کي دفن ڪري ڇڏيو آهي: فردوس عاشق اعواڻ

news

اسلام آباد: (اربع 23 نومبر 2019ع) وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان جي سچ ڀارتي ڪوڙ کي دفن ڪري ڇڏيو آهي.

ڀارتي آرمي چيف الزامن تي پوري دنيا کان معافي گهري.  فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته لائن آف ڪنٽرول جي طرف سفارتڪارن ۽ ميڊيا جي دورن دنيا جي آڏو ڀارت جو اصل چهرو ڏيکاري ڇڏيو آهي. ڀارتي آرمي چيف جي ڪوڙي دعويٰ دفن ٿي چڪي آهي.

کلي دعوت جي باوجود ڀارتي ڪميشن جي ڪنهن به سفارتڪار ايل او سي جو دورو نه ڪيو. شهري آبادي ۽ هٿين خالي شهرين کي نشانو بنائيندڙ ظالم ۽ بزدل آهن.

فردوس عاشق اعواڻ سوال ڪيو ته ڀارت ڪڏهن پرڏيهي سفيرن ۽ ميڊيا کي والاريل ڪشمير وٺي ويندو.؟  ته جيئن هو قابض ڀارتي فوج پاران مظلوم ڪشميرين تي ڪيل ظلم ۽ انساني حقن جي پامالي کي اکين سان ڏسي سگهن.

هن چيو ته عالمي برادري کي ڪشمير تڪرار ڪشميرين جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪرڻو پوندو.