سنڌ فشرمين ويلفيئر آرگنائيزيشن جي مرڪزي باڊي جو اجلاس صدر ممتاز ملاح جي صدارت هيٺ ميهڙ ۾ ٿي گذريو

news

میھڙ: اربع 23 آڪٽوبر 2019ع، سنڌ فشرمين ويلفيئر آرگنائيزيشن جي مرڪزي باڊي جو اجلاس صدر ممتاز ملاح جي صدارت هيٺ میھڑ ۾ ٿي گذريو،

اجلاس ۾ مختلف شهرن ڍنڍن ڍورن مهاڻا بستين مان ملاح برادري جي معزز ماڻهن وڏي انگ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ميمبرن پاران نوان عهديدار چونڊجڻ جي ڏنل راء تي خیرپور ناتھن شاھ جی اڳوڻي باڊي جي عهديدارن ۽ سمورن ميمبرن اتفاق سان فيصلو ڪندي خیرپور ناتھن شاھ جی سنڌ فشرمين ويلفيئر آرگنائيزيشن جا نوان مرڪزي عهديدار چونڊيا ويا آهن،

جن ۾ صدرلاء ممتاز ملاح، سينيئر نائب صدر لاء وزيرملاح، نائب صدر ارباب ملاح، حاجن ملاح، جنرل سيڪريٽري نيازحسين ملاح، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري قربان علي ملاح، جوائنٽ سيڪريٽري محمد صديق ملاح، انفارميشن سيڪريٽري شاهد حسين ملاح، ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري محمد شريف ملاح، پريس سيڪريٽري محمد خان ملاح، فنانس سيڪريٽري محمد اسحاق ملاح، آفيس سيڪريٽري طالب حسين ملاح ۽ ٻين ڪاميٽي ميمبرن جي مرڪزي باڊي جا عهديدار چونڊيا ويا آهن،

ان موقعي تي سنڌ فشرمين ويلفيئر آرگنائيزيشن جي چونڊيل مرڪزي صدر ممتازعلي ملاح جنرل سيڪريٽري نيازحسين ملاح، وزيرملاح ارباب ملاح محمد اسحاق ملاح ۽ ٻين اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ مهاڻا ڪيترن ئي سالن کان مسئلن جو شڪار آهن،

سنڌ حڪومت پاران مهاڻن لاء ڪم ڪندڙ فشريزکاتي پاران مهاڻن جي سماجي ڀلائي بهتري لاء ڪوبه ڪم ناهي ڪيو جنهن عمل تي سخت افسوس آهي، هنن وڌيڪ چيو ته مهاڻن لاء هر سال جاري ٿيندڙ ڪروڙين روپين جا فنڊ ڪامورا ڳڙڪائي وڃن ٿا، سنڌ جي ڍنڍن ڍورن تي بااثرن جا قبضا آهن،

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ جي ڍنڍن ڍورن ۾ مڇي گهٽجي وئي آهي مهاڻا بيروزگاري سبب پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.

هنن فشريز کاتي سنڌ جي صوبائي وزير انجنيئرعبدالباري پتافي، صوبائي سيڪريٽري قاضي اعجاز احمد مهيسر کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي مهاڻن سان پيش ايندڙ مسئلن طرف ڌيان ڏئي سندن جي سرڪاري سهائتا ڪري کين جائز مسئلا حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ لائحه عمل جوڙيو ويندو