پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جا واٽس ايپ پروفائل هيڪ ڪري رقم وٺندڙ گروهه سرگرم

news

ڪراچي: خميس24آڪٽوبر2019ع: پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي واٽس ايپ پروفائل هيڪ ڪري پاڪستان ۾ انهن جي مٽن مائٽن کان ايمرجنسي جي نالي تي ڳري رقم وٺندڙ گروهه سرگرم ٿي ويو. رپورٽ موجب جوابدار مختلف بينڪن ۽ موبائل فون اڪائونٽس وسيلي شهرين سان دوکو ڪري رهيا آهن ۽ وفاقي جاچ ايجنسي کي ان سلسلي ۾ ڪافي شڪايتون ملي رهيون آهن.

ڊائريڪٽر ايف آءِ اي سنڌ سلطان خواجا موجب تازو واقعو ڪراچي جي علائقي ڊفينس جي رهواسي طارق فواد خواجا سان پيش آيو. طارق خواجا موجب ڪنهن شخص انهن جي آمريڪا ۾ رهندڙ ڪزن احمد اعجاز جي واٽس ايپ پروفائل تصوير لڳائي ۽ا نهن کي آمريڪا جي نمبر تان واٽس ايپ تي پيغام موڪليو ته هو ڪال نه ٿا ڪري ڪري سگهن ميسج تي ڳالهايو.

واٽس ايپ پيغام ۾ وڌيڪ چيو ويو ته هو ڪنهن مصيبت ۾ ڦاسي ويا آهن ان ڪري فوري طور تي انهن جي لاءِ هڪ پاڪستاني روپيا بينڪ اڪائونٽ ۾ موڪلي ڇڏيو ته جيئن هو مصيبت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهن. طارق خواجا موجب هو فون ڪال ڪري احمد اعجاز کي پيش ايندڙ صورتحال جي  تصديق ڪرڻ چاهين پيا ته لاهور کان سندن والدا فون ڪري تصديق ڪئي ته احمد اعجاز کيس پڻ ميسيج موڪليو آهي ۽ هو واقعي مصيبت ۾ آهي کيس فوري طور تي پئسا موڪلي ڇڏيو.