شهدادپور جي ڳوٺ گل محمد سهتو جي رهواسي ميگهواڙ برادري جو زميندار خلاف ڌرڻو

news

شھدادپور: خميس 24 آڪٽوبر 2019ع، شھدادپور ويجهو ڳوٺ گل محمد سھتو جي مينگھواڙ برادري جي عورتن توڻي ننڍن ٻارن سميت رھواسين پريس ڪلب شھدادپور اڳيان زميندار خلاف روڊ تي ڌرڻو ھڻي احتجاج ڪندي الزام ھنيا ته اسين 70 سالن کان مشھور زميندار جي زمين تي ڳوٺ ٻڌيو ويٺا آھيو.

ھاڻ کين اتان گهر خالي ڪرائڻ لاءِ مختلف طريقن سان تنگ ڪيو پيو وڃي ايستائين جو سندس جوان عورت; کي حراسان ۽ پريشان ڪيو پيو وڃي جيئن اسين مجبور ٿي گھر خالي ڪري ھارپو ڇڏي ڏيو.

احتجاج ڪندڙ لڇمڻ مينگھواڙ.واليواميرو.رام چند مانيو پربهو .شريمتي ھڪلان .شريمتي ستي .شريمتي بهانو; ميڊيا کي ٻڌايو ته مذڪوره زرعي زمين زميندار عبدالعروفار انڙ. نورمحمد انڙ..۽ ٻين سيد فيض محمد شاه کان مقاعدي تي وٺي اسانکي مقاعيدار اتان بي دخل ڪري ڳوٺ خالي ڪرائڻ لاءۡ ڌمڪيون ۽ غليظ حرڪتون ڪري رھيا آھن.

انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آھي اٽلندو روزانو پوليس موبائيل اسانجي گھرن تي اچي مخطتلف بهانن سان تنگ پئي ڪري اسانجو تحفظ ڪيو وڃي اسانجي عورتن ۽ نياڻين کي تنگ ڪرڻ ختم ڪيو وڃي.

ٻي صورت ۾ اسان پاڻ کي احتجاج طور باھيون ڏئي مارينداسين .جنهن جي ذميداري ضلعئي انتظاميا تي ھوندي.