ڪم ڪارڊيشين جي اُڻيتاليهين سالگرهه تي مڙس طرفان قيمتي تحفو

news

نيويارڪ: جمعو25آڪٽوبر2019ع: آمريڪي ماڊل، اداڪارا ۽ بزنس وومين ڪم ڪارڊيشين ويسٽ پنهنجي 39 هين سالگراهه جو جشن انتهائي شاندار انداز ۾ ملهايو، جڏهن ته کيس چاهيندڙن طرفان قيمتي تحفا پڻ مليا.

جيتوڻيڪ ان موقعي تي اداڪارا کي هڪ تحفو اهڙو مليو جيڪو ان لاءِ سڀني کان خاص هو، جيڪو ٻئي نه پر سندس مڙس آمريڪي ريپر ڪانئي ويسٽ ڏنو.

ڪم سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئيٽر تي مداحن کي ٻڌايو ته کيس هن سالگرهه تي گهڻا ئي بهترين تحفا مليا، کيس سڀنيک ان وڌيڪ پسند ڪانئي جو تحفو لڳو، اداڪارا موجب ڪانئي سالگرهه تي 10 لک ڊالر جي رقم منهنجي، اسان جي بارن ۽ پنهنجي طرفان فلاحي ادارن کي عطيو ڪيون جنهن کي مان سپورٽ ڪندي آهيان، ان جي ان تحفي سان مان تمام گهڻي خوش آهيان.