نوابشاهه ۾ پوليس پاران جنسي ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار خلاف ڪاروائي ڪرڻ بدران متاثر نينگر جي گهر تي چڙهائي، والد مرڻينگ، احتجاج

news

نوابشاهه: جمعو 25 آڪٽوبر 2019ع، نوابشاهه جي تعلقي ٿاڻي جي پوليس ظلم جي انتها ڪري ڇڏي پورهيت جي نوجوان پُٽ سان مبينه جنسي ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار خلاف ڪاروائي ڪرڻ بدران متاثر نينگر جي والد کي مبينه گولي هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو ۽ عورتن کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو ۽ گهر ٻاهران جهيڙي جو بهانو بنائي پوليس پڪٽ قائم ڪري ڇڏي گهرن مان هنڌ ۽ کٽولا کڻي پاڻ ويهي رهيا.

ان سلسلي ۾ ڏاڍائي جو نشانو بڻيل نينگر علي جان چانڊيو پنهنجي ماءُ بختاور، مسمات ڪلثوم چانڊيو ۽ ٻين سان گڏجي ڳوٺ شهمير چانڊيو ۾ احتجاج ڪندي چيو ته ڳوٺ شهمير چانڊيو لڳ پنهنجي خريد ڪيل پلاٽ ۾ رهون ٿا چار ڏينهن اڳ ۾ ڳوٺ غازي خان هوت جي رهواسي مونکي چانهن ۾ نشو ڏئي بيهوشي جي حالت ۾ تشدد نشانو بنائي مونسان اجتماعي بدفعلي ڪري مونکي مرڻينگ حالت ۾ گهر ٻاهران ڦٽو ڪري ويا.

هن چيو ته اسان اهڙي ظلم خلاف جڏهن تعلقي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ وياسين پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ جو دلاسو ڏنو ۽ ميڊيڪل رپورٽ لاءِ ٻئين ڏينهن تي اچڻ جو چيو ليڪن ميڊيڪل رپورٽ جو ليٽر اڄ تائين نه مليو آهي هن چيو ته بعد ۾ پوليس اسان جي ڳوٺ آئي ۽ منهنجو والد سڪندر چانڊيو موٽر سائيڪل تي سوار ٿي وڃي رهيو هئو ته کيس پوليس اهلڪارن بيرحمي سان مٿس فائرنگ ڪري ڏني نتيجي ۾ منهنجو والد سڪندر چانڊيو گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو ۽ هن وقت پي ايم يو اسپتال ۾ داخل آهي.

هن چيو ته جوابدارن خلاف پوليس پاران ڪو به قدم نه کڻڻ سبب جوابدار وڌيڪ ظلم تي لهي آيا آهن ۽ پوليس انهن جي مدد ڪري رهي آهي زيادتي جو نشانو به مونکي بڻايو ويو گولي به منهنجي والد کي هڻي وئي ۽ هيئنر پوليس اسان کي گهرن مان لوڌي ڪڍي اسان جا هنڌ کٽون کڻي جهيڙي کي روڪڻ جو بهانو بنائي پوليس پڪٽون ٺاهي ويٺي آهي.

ٻئي طرف سڪندر چانڊيو جي گهر جو سامان ٽڙيل پکڙيل هو ۽ گهر ۾ هڪ ڪُتو سُتل هو جيڪو ڌاريا ماڻهو گهر ۾ اچڻ تي ڀوڪڻ جي سگهه به نه هئس ۽ بک ۾ پاهه ٿي ويو آهي.

ٻئي طرف پڪٽ تي ويٺل پوليس وارن جو چوڻ هو ته چانڊين ۽ هوتن جو جهيڙو آهي ۽ اسان هتي حفاظت لاءِ ويٺا آهيون ته جيئن جهيڙُو نه ٿئي.

هوڏانهن ڊي ايس پي صدر شڪيل سرفراز موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته اوهان کي سڀ خبر آهي آئون توهان کي ڪهڙو موقف ڏيان.

هوڏانهن احتجاج ڪندڙ علي جان چانڊيو ۽ ٻين عورتن چيو ته اسان سان انصاف نه ٿيو ته اسان نوابشاهه ڪورٽ ٻاهران پنهنجي پاڻ کي باهه ڏئي سڙي مرنداسين.