نوابشاه ۾ گورنمنٽ پرائمري بوائز اسڪول ميهر خان خاصخيلي جي هيڊ ماسٽر ۽ شاگرد جو اسڪول تي قبضي سامان چوري خلاف احتجاج

news

نوابشاهه: جمعو 25 آڪٽوبر 2019ع، گورنمنٽ پرائمري بوائز اسڪول ميهر خان خاصخيلي جي هيڊ ماسٽر عبدالبشير بروهي، حسين علي ۽ اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندي چيو آهي ته ميهر خاصخيلي نالي شخص جنهن جي نالي تي اسڪول آهي اهو نالي جو ناجائز فائدو وٺي اسان جي اسڪول جون ڄاٻيون پاڻ وٺي رکيو ويٺو آهي۔

هنن چيو ته اسان جي بار بار روڪڻ تي مذڪوره شخص اسان کي ڌمڪيون ڏئي ٿو جنهن جي ڪري اسان مجبور ٿي معصوم ٻاررن سان گڏ پريس ڪلب پهتا آهيون،

هنن چيو ته مذڪوره شخص جيڪو تعليم جو دشمن آهي ۽ هو اسڪول کي تباهه ڪري رهيو آهي،

هنن تعليم جي اعليٰ آفيسرن ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته مذڪوره شخص خلاف ڪاروائي ڪري اسڪول ۽ ٻارن جي مستقبل کي تباهي کان بچايو وڃي.