نوابشاهه ۾ پيٽيس وڪرو ڪندڙ پورهيت پريس ڪلب پهتو، سهائتا جي اپيل

news

نوابشاهه: جمعو 25 آڪٽوبر 2019ع، نوابشاهه جي روڊن تي هوڪا ڏئي پيٽيس وڪرو ڪندڙ پورهيت عبدالحميد ڀٽي نوابشاهه پريس ڪلب پهچي ٻڌايو آهي ته کڏهر روڊ نوابشاهه تي منهنجو گهر آهي ۽ منهنجا ماءُ پيءُ فوت ٿي ويا آهن ۽ آئون روڊ تي هلندي هلندي ڪري پوندو آهيان،

هن چيو ته ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته تون سي ٽي اسڪين ڪرائي توکي دماغ جي بيماري آهي ۽ مان سي ٽي اسڪين ڪرائڻ لاءِ پي ايم يو اسپتال ويس ته ڊاڪٽرن چيو ته سي ٽي اسڪين مشين خراب آهي ٻاهران وڃي ڪرائي اچ ۽ مان ٻاهران ڪرائڻ ويس ته انهن مونکان 2 هزار گهريا،

هن چيو ته مان غريب آهيان ۽ ڏهاڙي سو روپيا ڪمائيندو آهيان ۽ منهنجي اپيل آهي ته منهنجو سٽي اسڪين ڪرائي علاج ڪرايو وڃي.