ننگرهار ۾ بم ڌماڪو، ٽن سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ نينگر سميت پنج ڄڻا مارجي ويا

news

ڪابل: سومر25آڪٽوبر2019ع: افغانستان جي صوبي ننگرهار ۾ خودڪش ڌماڪي کانپوءِ ٻار سميت 5 ڄڻا زندگي جي جنگ هارائي ويا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري جو چوڻ آهي ته افغانستان اختيارين ٻڌايو آهي ته ننگرهار ۾ هڪ خودڪش حملو ٿيو آهي، ڌماڪي جو ٽارگيٽ انٽيليجنس اهلڪار هئا، ان حملي دوران پنج ڄڻا مارجي ويا آهن، مارجي ويلن ۾ 3 سيڪيورٽي اهلڪار شامل آهن.

خابرو اداري موجب مرندڙن ۾ ٻار پڻ شامل آهن، ڌماڪي ۾ 6 سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 17 ڄڻا زخمي ٿيا، ان حملي جي ذميواري طالبان قبولي ورتي آهي.