مبارڪپور ڀرسان همراهہ گهرو اڻبڻت تان پاڻ تي مبينا فائر ڪري آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش، اسپتال داخل

news

مبارڪپور: 25 آڪٽوبر 2019ع، مبارڪپور ڀرسان همراهہ گهرو اڻبڻت تان پاڻ تي مبينا فائر ڪري پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائڻ جي ڪوشش  ٖ نازڪ حالت ۾ سکر منتقل ٖ وارثن طرفان واقعو اتفاقي قرار،

مبارڪپور ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ ميرل پراڻو ۾  45 ورهين جي دادن عرف جاني معرفاڻي گهر اندر پنهنجن مائٽن سان ڪنهن ڳالھ تان  ڪاوڙجي پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري پاڻ کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو.

جنهن بعد کيس نازڪ حالت ۾ وارث پهريان مقامي اسپتال ۽ بعد ۾  سکر حرا اسپتال کڻي ويا جتي سندس حالت انتهائي نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.

ان سلسلي ۾ سندس وارثن چيو تہ دادن معرفاڻي گهر اندر بندوق صاف ڪري رهيو تہ اچانڪ فائر ٿيڻ سبب زخمي ٿيو آھي هوڏانهن مبارڪپور ٿاڻي جي وڏي منشي محراب اوڍو صحافين کي ٻڌايو تہ ذريعن کان ڄاڻ ملي آھي ته همراهہ آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي کيس پاسيري ۾ فائر ٿيل آھي.

اسان کيس ليٽر ڏئي اسپتال منتقل ڪيو آھي وڌيڪ جاچ ڪيون ٿا ٻئي طرف علائقي ۾ پڻ  چوٻول آھن ته همراهہ گهرو اڻبڻت تان آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.