مبارڪپور خان ڪٽو واسي ڪراچي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت، وارثن ۾ ڪهرام

news

مبارڪپور: (ڇنڇر 26 آڪٽوبر 2019) مبارڪپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ خان ڪٽو جو رھواسي نوجوان محمد بخش ڪٽو معمول موجب ڀينس ڪالوني کان پنھنجي واڙي مان کير وڪرو ڪرڻ لاء سوزوڪي تي وڃي ھو ته ڪراچي عائشه منزل وٽ سوزوڪي جو سامھون ايندڙ  اسڪولي بس سان ٽڪرائجي ويو ۽ حادثو ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ مبارڪپور خان ڪٽو جو رھواسي محمد بخش ڪٽو موقعي تي فوت ٿي ويو.

جنھن جو مڙھ پنھنجي اباڻي ڳوٺ منتقل ڪيو ويو جنھن جي جنازي نماز سڀاڻي  اڄ ادا ڪئي ويندي.