سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي سينڊيڪيٽ ڪاميٽي جو اجلاس وي سي جي صدارت هيٺ ٿي گذريو

news

ٽنڊوڄام: (ڇنڇر 26 آڪٽوبر 2019) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي سينڊيڪيٽ ڪاميٽي جو 111هون اجلاس ڪوٺايو ويو.

جنهن جي صدارت زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي ڪئي، اجلاس ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي، زرعي يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي ميمبر ڊاڪٽر اي ڪيو مغل، سوشل سائنسز فئڪلٽي جي ڊين ڊاڪٽر اعجاز احمد کونهارو، ڊين فئڪلٽي ڪراپ پروٽيڪشن ڊاڪٽر عبدالغني لنجار خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچرل انجنئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي پرنسپل ڊاڪٽر محمد ابراهيم ڪيريو، رجسٽرار غلام محي الدين قريشي، پروفيسر ڊاڪٽر نعمت الله لغاري سميت ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي.

سينڊيڪٽ اجلاس ۾ يونيورسٽي جي سال 2018 جي سالياني رپورٽ، انڊرگريجويٽ پروگرام 2019-20 جي داخلا پاليسي سميت يونيورسٽي جي مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ انهن جي منظوري ڏني وئي.