ڊکڻ (رپورٽ: ياسين ڌاريجو) : (ڇنڇر 26 آڪٽوبر 2019) ڊکڻ لڳ بوائز پرائمري اسڪول لونگاڻي شريف ۾ لطيف ڏهاڙي جي پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي.
تقريب جي صدارت سياسي سماجي اڳوڻ ضلعي ڪائونسل ميمبر سرائي شعيب محمود سيال ۽ خاص مهمان سيد مهدي شاھ، منصور احمد چانڊيو، سيد مشتاق بخاري، عبدالرحمان سومرو هئا.
جڏهن ته تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين شازيه، امير حمزه، ظهير عباس، ارسلان، خديجه، آمنه، ساحل، مسلم ۽ ٻين ڀٽائي سرڪار جي شاعري پڙهي واھ واھ ڪرائي ڇڏي.
تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي سرائي شعيب محمود سيال چيو ته شاھ لطيف امن ۽ محبت جو سرتاج شاعرآهي. هن جي شاعري عالم انسانيت جي آواز کي محفوظ ڪري ٿي، تنهن ڪري سنڌ جي سڀني ادارن ۾ لطيف جي فڪر کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي.
خاص مهمان هيڊ ماستر پرائمري اسڪول ڊکڻ منصور احمد چانڊيو چيو ته لطيف هر نئين نسل جو ترجمان آهي. لطيف جي شاعري ۾ موجود عڪس اسان جي سماج جي عڪاسي ڪري رهيا آهن. لطيف هر دور جو شاعر آهي، لطيف امن، جنگ، پيار ۽ نفرت جي پسمنظرن کي ظاهر ڪري ٿو، نه رڳو ايترو پر لطيف پنهنجي شعرن ۾ عالم انسانيت واري تصوف جي پڻ پرچار ڪئي آهي.
مک مهمان ليکڪ سيد مهدي شاھ چيو ته سنڌي ٻولي کي محظوظ ڪرڻ ۾ شاھ لطيف جو اهم ڪردار آهي. سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ سنڌي ماڻهن جي حالتن جي عڪاسي ڪئي آهي.
ان کانسواءِ عبدالرحمان سومرو، سيد مشتاق بخاري، سيد سلطان شاهه، جاويد جوڻيجو ۽ ٻين خطاب ڪيو .جڏهن ته استادن ۽ شاگردن لفظن ۽ شاعري ذريعي ڀٽائي سرڪار کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي.
جڏهن ته تقريب جي آخر ۾ صوفي راڳي موسيٰ رند ساٿين سميت لطيف جي شاعري ڳائي سرن جي ورکا ڪري خوب داد ماڻيو.