مظفر ڳڙهه ۾ ٽي ساله ٻاڙري سان مبينه زيادتي جي الزام ۾ ڏهه ساله ٻارڙو گرفتار

news

مظفرڳڙهه: (آچر 27 آڪٽوبر 2019ع) مظفر ڳڙهه ۾ 3 ساله ٻارڙي سان مبينه زيادتي جي الزام ۾ 10 ساله ٻارڙي کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ضلعي ڪوٽ ادو جي علائقي وارڊ نمبر 14 ۾ 10 ساله ٻارڙي آصف کي 3 ساله ٻارڙي سان زيادتي جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ جوابدار جي خلاف ٿاڻي ڪوٽ ادو ۾ اغوا جو ڪيس داخل ڪري حوالات ۾ بند ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب 10 ساله جوابدار کي مقامي ميجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت جوابدار جو 30 آڪٽوبر تائين جسماني رماند تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس جي ذريعن موجب 3 ساله ٻارڙي جو ٽي ايڇ ڪيو اسپتال ڪوٽ ادو مان ميڊيڪل ڪرايو ويو آهي جڏهن ته ٻارڙي ۽ جوابدار جو ڊي اين اي ٽيسٽ به ڪرايو پيو وڃي.