سڪرنڊ ۾ ڪاٽن ريسرچ انسيٽيوٽ پاران ڪشميرين سان يڪجھتي طور ريلي ڪڍي وئي

news

سڪرنڊ: (آچر 27 آڪٽوبر 2019) ڪاٽن ريسرچ انسيٽيوٽ سڪرنڊ پاران ڪشميرين سان يڪجھتي طور پي سي سي  آفيس کان ھڪ شاندار ريلي ڪڍي  وئي جنھن جي اڳواڻي  عبدا الله ڪيريو، عبدالواحد سومرو، ممتاز علي مگسي  ڪئي. جيڪا شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پھتي.

جتي مٿين اڳواڻن  خطاب ڪندي چيو ته  اسان هر وقت پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان شانه بشانه گڏ آهيون ڪشميرين مٿان ٿيندڙ ظلم بند ڪيو وڃي ڪشمير پاڪستان جو  اڻٽٽ  حصو آھي  ڪشمير جي آزادي حاصل ڪرڻ لاء پاڪستاني قوم ھر قرباني ڏيئڻ لاء تيار آھي، اسان ڪشميرين سان وڌيڪ ظلم ۽ جبر برداشت نه ڪنداسون.

ھنن عالمي دنيا کان سخت مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته فوري طور تي ڪشميرن سان ٿيندڙ ظلم بند ڪري انھن کي آزادي سان جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

ان موقعي تي آفيسرن پاران ڪشمير جي آزادي لاءِ خصوصي دعائون پڻ گهڙيون ويون.