جي يو آءِ(ف) جو اڳواڻ مفتي سلطان محمد قاتلاڻي حملي ۾ زخمي

news

پشاور: (سومر 28 آڪٽوبر 2019ع) باجوڙ جي تعلقي ماموند ۾ جي يو آءِ(ف) جو اڳواڻ مفتي سلطان محمد قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿي پيو. 

ڊي پي او پير شهاب علي شاهه فائرنگ جي واقعي جي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته فائرنگ جو واقعو بدان ۾ برڪلي مسجد جي ويجهو پيش آيو.

پير شهاب علي شاهه ٻڌايو ته مفتي سلطان محمد کي 3 گوليون لڳيون آهن. جڏهن ته جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.