ڏوڪري لڳ ناليواري عالم مفتي نثار احمد جهتيال طاهري جي پنجون ساليانو عرس مبارڪ ملهايو ويو

news

ڏوڪري :(سومر 28 آڪٽوبر 2019) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ عالماڻي ۾ جماعت اصلاح المسلمين پاران ناليواري عالم مفتي نثار احمد جهتيال طاهري جي پنجون ساليانو عرس مبارڪ ملهايو ويو.

ان موقعي تي رٿيل جلسي کي ناليوارو عالم مولانا عبيدالله ڏاهري، مولانا بدرالدين سرهيو، مولانا نعيم نور شاهاڻي طاهري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ۽ ناميارن نعت خوانن مظهر حسين خاصخيلي طاهري، منصور احمد ڀٽي، عزيز احمد سومرو ۽ ٻين نعت خواني ڪئي.