نئون ڪوٽ شهر ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيم ناڪارا بڻيل، رهواسين جون دانهون

news

نئون ڪوٽ :(سومر 28 آڪٽوبر 2019) پبلڪ هيلٿ کاتي ميرپورخاص جي نااهلي سبب سالن کان ناڪاره بڻيل واٽر سپلائي اسڪيم جي پائيپ لائين بدلي نه ٿيڻ ڪري نئون ڪوٽ جي مين بس اسٽاپ کان ڍورو بازار تائين وڇايل لائين هنڌان هنڌان ٽٽي ويئي واٽر سپلائي اسڪيم مان پاڻي جي سپلائي شروع ڪرڻ دوران پاڻي محلن ڪالونين وارڊن تائين پهچڻ بجاءِ هنڌان هنڌان ضايع ٿيڻ لڳو اطلاع باوجود پبلڪ هيلٿ کاتي ڪوبه قدم نه کنيو.

 انتظاميا ٽٽل پائيپ لائين ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل مين روڊ ٽوڙي خاموش ٿي ويهي رهيا آهن.

ان سلسلي ۾ شهرين ٻڌايو ته گذريل ويھ سالن کان پوءِ سي پيڪ منصوبي تحت ڊگهڙي کان مٺي نئون ڪوٽ روڊ تعمير ٿيو آهي جنهن کي پبلڪ هيلٿ کاتي ميرپور خاص ٽوڙي هنڌان هنڌان کڏا ڪري تباھ ڪري ڇڏيو آهي.

 

هن چيو ته روڊ تعمير ٿيڻ کان اڳ پبلڪ هيلٿ کاتو ٽٽل پائيپ لائين تبديل ڪرائي ها ته اڄ روڊ نه ٽٽي ها شهرين وزير اعليٰ سنڌ ڪمشنر مير پورخاص کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جي جاچ ڪري لاڳاپيل اختيارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.