پشاور هاءِ ڪورٽ پاران آزادي مارچ جي لاءِ روڊ بند نه ڪرڻ جو حڪم

news

پشاور: (اڱارو 29 آڪٽوبر 2019ع) هاءِ ڪورٽ آزادي مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن کي روڪڻ جي لاءِ روڊ بند نه ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.

چيف جسٽس وقار احمد سيٺ ۽ جسٽس احمد علي تي ٻڌل پشاور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ آزادي مارچ کي روڪڻ جي لاءِ ڪنٽينر لڳائڻ جي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته خبرن ۾ ٻڌو آهي ته حڪومت ۽ مارچ وارن ۾ معاهدو ٿي ويو آهي.

معاهدي ۾ طئي ٿيو آهي ته حڪومت رستا بند نه ڪندي عدالت حڪم ڏنو ته صوبائي حڪومت اٽڪ تائين ڪوبه روڊ ڪنٽينر لڳائي بند  نه ڪندي. ٽي وي چينل جيترو وقت حڪومت کي ڏين اوترو ئي اپوزيشن کي به ڏنو وڃي.

ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل يقين ڏياريو ته مظاهرين سان آئين ۽ قانون موجب  منهن ڏنو وڃي. جيڪڏهن مظاهرين جتي به فساد ڦهلائين ته انهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي جنهن تي عدالت آزادي مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن کي پرامن رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.