عراق ۾سيڪيورٽي فورس جي مظاهرين مٿان فائرنگ سبب ارڙنهن ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

news

بغداد: (اڱارو 29 آڪٽوبر 2019ع) عراق جي شهر ڪربلا ۾ مظاهرين ۽ سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ سبب 13 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 865 زخمي ٿي پيا.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب عراق جي شهر ڪربلا ۾ سيڪيورٽي فورس جي مظاهرين تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 865 زخمي ٿي پيا.

واقعي کان پوءِ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي انهن کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. عراقي ميڊيا موجب مظاهرين گذريل 4 ڏينهن کان وزيراعظم عديل عبدل مهدي جي حڪومت ۽ اتحادين جي خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا.

مظاهرين جو چوڻ هو ته حڪومت ڪرپٽ آهي ۽ مسئلن کان لاعلم آهي. سيڪيورٽي فورسز اسڪول ۽ يونيورسٽي جي شاگردن مٿان ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل به فائر ڪيا.

واضح رهي ته آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ حڪومت خلاف مظاهرن ۽ سيڪيورٽي فورسز سان جهڙپن جي نتيجي ۾ هينئر تائين 250 ماڻهو مارجي چڪا آهن.