مورو ۾ جشن عيد ميلاد النبي جي سلسلي ۾ ريلي ڪڍي وئي

news

مورو:(اربع 30 آڪٽوبر 2019)  مورو ۾ جشن عيد ميلاد النبي صلعم جي مهيني جي آمد جي خوشي ۾ دعوت اسلامي پاران ھڪ ريلي ڪڍي وئي.

جيڪا فيضان مدينہ مدني مسجد مورو کان ريلي ڪڍي جيڪا شهر جو گشت ڪندي مين روڊ جي مين چونڪ تي پهتي جتي ريلي جي اڳواڻي ڪندڙن آصف عطاري، عمران عطاري ۽ ٻين خطاب ڪيو. جڏھن تہ ريلي شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي واپس فيضان مدينہ مدني مسجد پھچي اختتام تي پھتي.