متحده ميگهواڙ فورم پاران ڳوٺ شير خان لغاري ۾ ديوالي جي موقعي تي تعليمي جاڳرتا پروگرام منعقد

news

شھدادپور:(اربع 30 آڪٽوبر 2019) متحده ميگھواڙ  فورم طرفان شھدادپور لڳ ڳوٺ شير خان لغاري ۾  ديوالي جي موقعي تي تعليمي جاگرتا پروگرام دانش ميگھواڙ  ڀيمچند طرفان ڪوٺايو ويو.

جنهن ۾ متحدہ ميگھواڙ فورم جي مرڪزي ۽ مقامي عھديدارن، سماجي ورڪرن استادن ۽  برادري جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي متحدہ ميگھواڙ فورم  ڳوٺ شير خان لغاري جي پرائمري  مڊل ۽ ھاء اسڪولن جي استادن سان سھڪار ڪري تعليمي جاڳرتا ريلي ڪڍي تعليم کي بھتر بنائڻ جو وچن ڪيو ويو ۽ ڏياري جي ڀلاري ڏڻ جي حوالي سان متحدہ مينگھواڙ فورم طرفان استادن شاگردن ۽ آيل معززين ۾ مٺايون پڻ ورھايون ويون.