ٽنڊو ڄام ۾ ربيع الاول جي سلسلي ۾ سڏايل گڏجاڻي ۾ واپاري پاڻ ۾ وڙهي پيا

news

ٽنڊوڄام:(اربع 30 آڪٽوبر 2019) ٽنڊوڄام ٿاڻي تي 12 ربيع الاول جي سيڪيورٽي لاءِ گهرايل اجلاس ۾ تاجر اڳواڻ پاڻ ۾ وڙهي پيا، هڪ ٻئي تي الرون، گار گند، ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او ڇڏائڻ ۾ پورا.

خبر موجب 12 ربيع الاول جي سيڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان ٽنڊوڄام ٿاڻي تي ڊي ايس پي سيد حبيب شاهه ۽ ايس ايڇ او ٽنڊوڄام منظور جمالي پارا ٽنڊوڄام شهر جي مختلف تاجر ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن جي ڪوٺايل گڏجاڻي دوران انجمن تاجران ٽنڊوڄام جي صدر منان راجپوت ۽ تاجر اتحاد جي پپو راجپوت ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او جي اڳيان پاڻ ۾ وڙهي پيا.

هڪ ٻئي کي جعلي تاجر تنظيم قرار ڏيئي، شديد گار گند ڪئي ۽ الرون ڪندا رهيا. جڏهن ته اجلاس ۾ جهيڙو ٿيڻ سبب ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او ٻنهي تاجر اڳواڻن کي ڇڏائڻ ۾ رڌل رهيا، جنهن بعد اجلاس اوچتو ختم ڪيو ويو.

جڏهن ته جهيڙي جو اطلاع ملڻ تي ٻنهي ڌرين جا ميمبر وڏي تعداد ۾ ٿاڻي تي پهچي ويا. جڏهن ته 12 ربيع الاول جي تقريبن جي سيڪيورٽي ۽ شهر ۾ امن امان جي حوالي سان عبدالمنان راجپوت، حافظ فضل الرحمان، تسليم راجپوت، عمران سليم ۽ عبدالباري ڪمال تي مشتمل شهري ڪاميٽي جوڙي ويئي آهي جيڪا سيڪيورٽي جي حوالي سان پوليس سان سهڪاري رهندي.