سڌو ڪرتارپور جي افتتاحي تقريب ۾ پاڪستان اچڻ جي دعوت قبولي ورتي

news

نئين دلي: اربع30آڪٽوبر2019ع: وزيراعظم عمران خان جي خاص هدايت تي نوجوت سنگهه سڌو کي ڪرتارپور راهداري جي افتتاح ۾ شرڪت جي دعوي ڏني جيڪا هن قبولي ورتي. وزيراعظم عمران خان جي خاص هدايت تي سينيٽر فيصل جاويد اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ سياستدان نوجوت سنگهه سڌو سان رابطو ڪيو ۽ 9 نومبر تي منعقد ٿيندڙ افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي باضابطه دعوت ڏني.

نوجوت سنگهه سنڌو سينيٽر فيصل جاويد وسيلي موڪليل وزيراعظم عمران خان جي خاص دعوت قبولي ورتي ۽ چيو ته تاريخي تقريب ۾ دعوت ڏيڻ تي وزيراعظم پاڪستان جو شڪرگذار آهيان.

هن وڌيڪ چيو ته پوري دنيا جا سک پنهنجي روحاني پيشوا بابا گرونانڪ سان لاڳاپيل جاين جي زيارت جا منتظر آهن، ڪرتارپور جي اڏاوت ۽ ان جي افتتاح سک مذهب جي ڪروڙين پيروڪارن کي انتهائي مثبت پيغام ڏنو آهي. نوجوت سنگهه سڌو چيو ته 9 نومبر جي تقريب ۾ شرڪت جي سعادت حاصل ڪندس.