تيز گام ايڪسپريس ۾ باهه لڳڻ سبب چوهتر مسافر فوت، نوي زخمي

news

رحيم يار خان:(خميس 31 آڪٽوبر 2019ع) لياقت پور ويجهو گيس سلينڊر ڦاٽڻ سبب تيز گام ايڪسپريس جي بوگين کي  باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ شروعاتي طور تي 74ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي جڏهن ته حادثي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي به ٿيا آهن جن مان ڪيترن جي ئي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

ميڊيا رپورٽ موجب ڪراچي کان راولپنڊي ويندڙ تيز گام ايڪسپريس گيس سلينڊر ڦاٽڻ سبب حادثي جو شڪار ٿي جنهن جي نتيجي ۾ شروعاتي طور تي 40 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا هئا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا.

ڊي پي  او رحيم يار خان حادثي ۾ 46 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي وڌيڪ فوتگين جو خدشو ظاهر ڪيو آهي جڏهن ته ريلوي واري وزير شيخ رشيد احمد 13 مسافرن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. ريسڪيو هيڊ بهاولپور باقر حسين موجب باهه سبب سڙي ويل بوگين مان هينئر تائين 38 لاشون ڪڍي چڪا آهيون.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جا جوان واقعي واري هنڌ پهچي سول انتظاميه سان گڏ امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته آرمي ايوي ايشن جو هيليڪاپٽر به واقعي واري هنڌ پهچي ويو آهي جنهن سبب زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي.