والاريل ڪشمير اڄ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو

news

سرينگر: (خميس 31 آڪٽوبر 2019ع) والاريل ڪشمير اڄ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو جنهن جي لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

تفصيل موجب مودي حڪومت جي طرفان ڀارتي والاريل ۽ جمون ڪشمير کي ورهائڻ جي منصوبي تي اڄ 31 آڪٽوبر 2019 تي باضابطه طور تي عمل ڪيو ويندو.

ان عمل کي ڪامياب بنائڻ جي لاءِ ڀارتي جنتا پارٽي جي وڏي پيماني تي جشن جو پروگرام ترتيب ڏنو ويو آهي. جمون ۽ والاريل وادي جي لاءِ گريش چندر مرمو کي ۽ لداخ جي لاءِ آر ڪي ماتهر کي گورنر مقرر ڪيو آهي.

جڏهن ته پهريان کان جمون ڪشمير ۾ مقرر گورنر ستياپال ملڪ کي گووا جو نئون گورنر مقرر ڪيو ويو آهي. ڀارتي قدمن کان پوءِ لداخ جي ٻُڌ رهواسين جي لاءِ ڳڻتي شدت اختيار ڪري وئي آهي.