ڏوڪري ۾ نوجوان زندگي جو آنت آڻي ڇڏيو

news

ڏوڪري: خميس 31 آڪٽوبر 2019ع، ڏوڪري فارم جو رهواسي 18 سالن جو نوجوان صدورو ڍڪڻ  زندگي کان تنگ اچي پاڻ کي گهر ٻاهريان وڻ ۾ ٽنگي خودڪشي ڪري ڇڏي.

اهڙو اطلاع پاڙيوارن وارثن کي ڏنو،اطلاع بعد وارث واقعي واري جاء تي پهتا جتي نوجوان جو لاش وڻ ۾ ٽنگيل هيو،

بعد ۾ نوجوان جو لاش وارث ڏوڪري اسپتال پوسٽ مارٽم لاء آندو ويو جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،

هوڏانهن  خودڪشي ڪندڙ نوجوان صدورو جو والد محرم علي ڍڪڻ ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجي پٽ جو ذهني توازن درست نه هيو ڪڏھن ھو ڪلفيون کپائي گذر سفر ڪندو هيو خبر ناهي هن ڪهڙو قدم ڪيئن کنيو.

جڏھن ته واقعي بعد ڀرپاسي ڏک لهر ڇانيل رهي.