زرعي يونيورسٽي جي ملازمن جي احتجاجي تحريڪ ڇهين ڏينهن به جاري

news

ٽنڊوڄام خميس 31 آڪٽوبر 2019ع، زرعي يونيورسٽي جي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ شروع ڪيل احتجاجي تحريڪ ڇهين ڏينهن به جاري رهي،  وي سي بلاڪ آڏو ڌرڻو. سخت نعريبازي، انتظاميا رينجرس جي نفري طلب ڪري ورتي.

خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ملازمن ساڍا ست سيڪڙو ڊفرنس نه ڏيڻ، ڪانٽيجنسي تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي ٻين يونيورسٽين جيان ٻن سالن کانپوءِ پڪو ڪرڻ، پڙهيل لکيل ملازمن کي اپگريڊ ڪرڻ سميت پندرهن مطالبن جي مڃتا لاءِ ملازم يونين طرفان شروع ڪيل احتجاجي تحريڪ اڄ ڇهين ڏينهن به جاري رهي،

ملازم يونين جي صدر جميل مري، جنرل سيڪريٽري مير علي گوپانگ، مظهر راڄپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وائيس چانسلر بلاڪ آڏو ڌرڻو هڻي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ملازمن جي ساڍا ست سيڪڙو ڊفرنس ڏيارڻ ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ ڪيترائي ڀيرا يونيورسٽي اتنظاميه سان ڳالهايون ڪيون آهن، جنهن تي انتظاميه 15 آڪٽوبر تائين  ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي.

هنن چيو ته انتظاميه ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ سنجيده ناهي، تنهنڪري احتجاج شروع ڪيو ويو آهي. هنن گهر ڪئي ته ملازمن جا سمورا جائز مسئلا فورن حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

ٻئي طرف اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاء يونيورسٽي انتظاميا رينجرس جي نفري طلب ڪري وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ اڳيان مقرر ڪري ڇڏي آهي.