داعش پاران ابو بڪر بغدادي جي مارجڻ جي تصديق، ابو ابراهيم هاشمي نئون سربراهه مقرر

news

بغداد: جمعو01نومبر2019ع: دهشتگرد تنظيم داعش پنهنجي سربراهه ابوبڪر البغدادري جي مارجڻ کانپوءِ نئين سربراهه جو اعلان ڪري ڇڏيو، ترجمان نام نهاد خليفي بغدادري جي مارجڻ جي پڻ تصديق ڪئي آهي.

ميڊيا رپورٽ موجب بدنام تنظيم داعش ابو ابراهيم الهاشمي کي پنهنجو نئون اڳواڻ مقرر ڪيو آهي، ان کان اڳ داعش طرفان ابو حسن مهاجر جي موت جي تصديق پڻ ڪئي وئي جيڪو سعودي عرب جو رهواسي ۽ ابوبڪر بغدادري کانپوءِ داعش جو سربراهه بڻجڻ وارو هو.

داعش ترجمان ابو حمزا قريشي پيروڪارن کي ابو ابراهيم جي بيعت ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ آمريڪا کي مخاطب ڪندي چيو ته خوشويون نه ملهايو، داعش جي نئين سربراهه جي سڃاڻپ اڃا تائين سامهون ناهي اچي سگهي.