واٽس ايپ اينڊرائيڊ فون لاءِ فنگر پرنٽ لاڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو

news

نيويارڪ: جمعو01نومبر2019ع: واٽس ايپ پنهنجي اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ هڪ نئون سيڪيورٽي فيچر پيش ڪيو آهي جنهن جي تحت هاڻ فنگر پرنٽس وسيلي ان کي لاڪ ۽ ان لاڪ ڪري سگهجي ٿو.

جيتوڻيڪ گهڻو عرصو اڳ واٽس ايپ ان جي بيٽا ٽيسٽنگ ڪيترن ئي واهپيدارن ئي ڪرائي چڪو آهي پر هاڻ ان جو باضابطه اعالن ڪيو ويو آهي، في الحال اهو آپشن اينڊرائيڊ فون لاءِ آهي پر آءِ او ايس لاءِ پڻ ان آپشن کي سال جي آخر تائين پيش ڪيو ويندو.

ان جو آپشن سادو آهي ته جيڪڏهن اوهان جي فون کليل به آهي ته فنگر پرنٽ متعارف ڪرائڻ کانپوءِ واٽس ايپ آڱوٺي جي نشان سان ئي کلندو جڏهن ته ڪو ٻيو ان کي کولي نه سگهندو، واٽس ايپ ان کي پرائيويسي ۽ سيڪيورٽي جو هڪ واڌو آپشن قرار ڏنو آهي، اوڀرين ملڪن ۾بينڪنگ ايپ ۾ اهڙي طرح جي فنگر پرنٽ سيڪيورٽي رکي ويندي آهي.

جڏهن ته اها اپ ڊيٽ اڃان به پوري دنيا جي اينڊرائيڊ يوزرز لاءِ جاري ناهي ڪئي وئي، جيتوڻيڪ ان جو آپشن واٽس ايپ جي پرائيويسي سيٽنگز ۾ ظاهر ٿيندو آهي، ان ۾ ڪيترن ئي منٽن تائين لاڪ 7 ان لاڪ جي آپشن سان گڏ واٽس ايپ ميسيج ظاهر ٿِڻ کان روڪڻ جا آپشنز پڻ موجود آهن.