رائيونڊ اجتماع تي ويل ٽنڊوڄام واسي دل جو دورو پوڻ سبب فوت

news

ٽنڊوڄام : پهرين نومبر 2019ع،رائيونڊ اجتماع تي ويل ٽنڊوڄام واسي دل جو دورو پوڻ سبب فوت. مڙهه ٽنڊوڄام روانو.

خبر موجب رائيونڊ ۾ تبليغي جماعت جي اجتماع ۾ شرڪت لاءِ ويل ٽنڊوڄام  لڳ ڳوٺ جهنڊو کوسو جو رهواسي  65 سالا حاجي محمد حسن کوسو رائيونڊ ۾ جمعي جي نماز دوران اوچتو دل جو دورو پوڻ ڪري فوت ٿي ويو. 

فوتي جو مڙهه ضروري ڪاروائي بعد رائيونڊ کان ٽنڊوڄام لاء روانو ڪيو ويو آھي.  جتي سندس مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويندو.