فضل الرحمان جي هوندي يهودين کي سازش جي ڪهڙي ضرورت آهي: وزيراعظم

news

گلگت بلتستان: وزيراعظم عمران خان جي يو آءِ (ف) جي آزادي مارچ کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته فضل الرحمان جو هوندي يهودين کي پاڪستان جي خلاف سازش جي ڪهڙي ضرورت آهي.

وزيراعظم عمران خان گلگت بلتستان ۾ عام جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته اسلام آباد ۾ جي يو آءِ (ف) جي آزادي مارچ ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهو جمع آهن، هو ڪنهن کان آزادي وٺڻ اسلام آباد اچي رهيا آهن، ميڊيا وڃي مظاهرين کان پڇي ته هو ڪنهن کان آزادي وٺڻ لاءِ آيا اهن.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته پ پ وارا مهانگائي جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، (ن) ليگ وارن کي خبر ئي ناهي ته هو مارچ ۾ ڇو آهن، جي يو آءِ وارا چون ٿا ته يهودي اسلام آباد تي قبضو ڪري رهيا آهن، فضل الرحمان جو هوندي يهودين کي سازش جي ڪهڙي ضرورت آهي. هندستان سميت ملڪ جا سڀئي دشمن فضل الرحمان جي آزادي مارچ مان خوش آهن، هندستاني ميڊيا آزادي مارچ ڏيکاري رهيو آهي، ايئن لڳي هيو آهي ته جيئن فضل الرحمان ڀارتي شهري آهي.

عمران خان چيو ته اسلام کي ووٽ وٺڻ ۽ پئسي جي لاءِ استعمال ڪرڻ سان اسلام کي نقصان پهچندو آهي ۽ مولانا فضل الرحمان کي ڏسي اسلام جي طرف ڪوبه نه ايندو جڏهن ته ماڻهو اسلام ڇڏي ڏيندا.

هن وڌيڪ چيو ته اسلام ته مسلمانن جي عمل سان ظاهر ٿيندو آهي پر فضل الرحمان جو اسلام ته ڊيزل جي پرمٽ ۽ ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين ٺاهڻ تي وڪامجي وڃي ٿو.

وزيراعظم چيو ته هي جيڪي اسلام آباد ۾ هڪ گلدستو گڏ ٿيو آهي ان ۾ اچڪزئي به بلوچستان مان اچي ويو آهي جيڪو جي يو آءِ جي مخالفت ڪندو رهيو آهي، بلاول جو پنهنجي پاڻ کي لبرل چوي ٿو، هو لبرل صرف هڪ طرح آهي ته لبرلي ڪرپٽ آهي، باقي ته لبرل ازم ان جي ويجهو به ناهي گذري.

هن چيو ته نئون پاڪستان ٺهي چڪو آهي، ان لاءِ سڀ بيروزگار ۽ سياسي يتيم گڏ ٿيا آهن، جيستائين انهن جو دل ڪري ويٺا هجن، جيڪڏهن کاڌو ختم ٿي وڃي ته انهن لاءِ ٿورو کاڌو به موڪلي ڇڏينداسين پر ڪنهن کي اين آر او نه ملندو ڇو ته مون 22 سالن تائين جدوجهد ئي ڪرپشن جي خلاف ڪئي آهي.

هن جو چوڻ هو ته گذريل 10 سالن ۾ جڏهن اهو گلدستو حڪومت ڪري رهيو هو ته ملڪ جو قرضو 6 هزار ارب رپين کان 30 هزار ارب رپيا ٿي ويو. انهن کان ڪير پڇڻ وارو نه هو ته ڪڏهن ويا اهي پئسا، جيئن جيئن اسان جي حڪومت اڳيان وڌي رهي آهي، اسان کي خبر پئجي رهي آهي ته گهڻا پئسا انهن ماڻهن جي کيسن ۾ ويا، هنڊي ۽ حوالا جي ذريعي مني لانڊرنگ ڪئي وئي.

عمران خان چيو ته ڪڏهن ٻڌو ناهي ته هڪ ملڪ جو ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ جا پٽ لنڊن ۾ اربين رپين جا فليٽس ۾ رهن ٿا. شهباز شريف جو پٽ ۽ ناٺي به ملڪ کان ٻاهر ڀڳل آهن، جيڪڏهن چوري ناهي ڪئي ته حساب ڏيو. هن جو چوڻ هو ته اسان گذريل سال جيترو ٽيڪس گڏ ڪيو ان جو اڌ پوئين حڪومتن جي ورتل قرضن جون قسطون ادا ڪرڻ تي خرچ ٿي ويو ته اسان ڪهڙي طرح عوام تي پئسا لڳايون ها.

هن چيو ته جيستائين انهن کي سزا نٿي ملي ۽ اهي ماڻهو عوام جي سامهون مثال نه بڻجندا ته تڏهن ئي ماڻهو سياست ۾ ڪرپشن ڪندي ڊڄندا. وزيراعظم پاڪستان جو چوڻ هو ته اهي ماڻهو ان ڪري گڏ ٿيا آهن ڇو ته انهن کي ڊپ آهي ته ڪٿي انهن جو نمبر به نه لڳي وڃي، سڀئي غور سان ٻڌن دنيا هيڏانهن کان هوڏانهن ٿي وڃي پر آئون انهن کي نه ڇڏيندس.