الطاف حسين جو ٽرائل پهرين جون ٻه هزار ويهه کان شروع ٿيندو

news

لنڊن: نفرت انگيز تقرير ڪرڻ جي الزام ۾ ايم ڪيو ايم جي باني الطاف حسين جي ضمانت ۾ توسيع ڪئي وئي آهي، الطاف حسين جو ٽرائيل ايندڙ سال جون جي مهيني ۾ ٿيندو.

الطاف حسين لنڊن جي اولڊ هيلي عدالت ۾ پيش ٿيو، جتي ان تي نفرت انگيز تقرير ڪرڻ جي الزام هيٺ ٻڌڻي ٿي. عدالت الطاف حسين جي ضمانت ۾ توسيع ڪندي واضح ڪيو ته ايم ڪيو ايم جي باني ميڊيا تي بيان بازي جي خلاف ورزي ڪئي ته ضمانت خارج ڪندي حراست ۾ ورتو ويندو. الطاف حسين جو ٽرائيل ايندڙ سال جون جي مهيني ۾ ٿيندو.