ڪائنات ۾ سڀ کان ننڍرو ۽ ڪمزور بليڪ هول هٿ

news

نيويارڪ: ڇنڇر02نومبر2019ع: ڪائنات جي ڏورانهين علائقي مان هڪ خاص خبر آئي آهي ته هينئر تائين اسان جي ڄاڻ جي تحت سڀ کان ننڍو بليڪ هول هٿ ٿيو آهي جنهن کان پان بليڪ هول جي جوڙ جي نظرين تي نظرثاني جي ضرورت پيش اچي سگهي ٿي.

ان بليڪ هول جي قطر صرف 20 ڪلوميٽر آهي ۽ اهو هڪ تمام وڏي ستاري جي چوڌاري گهمي رهيو آهي پر ان کي هڙپ ڪرڻ يا ان جو مادو چورائڻ کان وانجهيل آهي، 83 ڏينهن ۾ اهو بليڪ هول پنهنجو هڪ چڪر پورو ڪري وٺندو آهي ۽ اندازو آهي ته اهو زمين کان 10 هزار نوري سال جي فاصلي تي واقع آهي.

ان عجيب بليڪ هول جي دريافت جو سهرو اوهايو اسٽيٽ يونيورسٽي جي ٽوڊ ٿامپسن ۽ سندس اٿين جي مٿي تي سجي ٿو، اهو پنهنجي ساٿي ستاري مان ڪو گيس يا مادو چوري به نه پيو ڪري، ماهرن وڏي ستاري جي چراند سان بليڪ هول هٿ ڪيو آهي، بلڪل اهڙي طريقي سان ماهرن شمي نظام کان ٻاهر سيارو هٿ ڪندا آهن. جڏهن ته ان جي سڀ کان ننڍي بليڪ هول هجڻ جي وڌيڪ تصديق ٿيڻ باقي آهي، ان جي ڪميت اسان جي سج کان صرف ساڍا ٽي ڀيرا وڌيڪ آهي جيڪا هن سڀ کان ننڍي بليڪ هول هجڻ جو سب کان مضبوط ثبوت اهي.

جيڪڏهن ڪو يوٽران ستارو يا بليڪ هول اسان جي سج کان به ڀيرا يا پنج ڀيرا تائين جسامت جو هجي ته ماهرن ان کي ڪميتي وقفو يا ماس گيپ قرار ڏيندا آهن، نيوٽران ستارا هجن يا بليڪ هول هجي ٻئي تمام وڏن ستارن جي ڦاٽڻ سبب پيدا ٿيندا آهن، ان تي تحقيق ڪري اسان ٻڌائي سگهون ٿا ته تمام وڏا ۽ ضخيم ستارا ڪيئن وجود ۾ اينا آهن ۽ انهن مان ڪهڙا ستارا ڦاٽي سپرنووا بڻجي سگهن ٿا.