نانگ جي ڪکڻ سبب سٺ ورهين جي چيني هاري پنهنجي آڱر ڪٽي ڇڏي

news

بيجنگ: آچر03آڪٽوبر2019ع: چين جي صوبي زي جيانگ جي ضلعي شانگيو جي هڪ ڳوٺ ۾ زهريلي نانگ 60 ورهين جي زينگ نالي هاري کي آڱر تي ڪکي وڌو.

ان کي ڪکيندڙ نانگ پٽ وائپر هو جنهن جي باري ۾ چيو ويندو آهي ته ان جو ڪکيل ڪجهه قدم به ناهي هلي سگهندو ۽ مري ويندو آهي، هاري ان ئي خيال جي تحت پنهنجي آڱر ڪٽي ۽ 80 ڪلو ميٽر پري وڏي شهر هينگزو جي اسپتال پهتو.

ڊاڪٽرن موجب ان جي حالت ٺيڪ آهي ۽ ڪنهن قسم جون خطرناڪ علامتون ناهن، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته آڱر ڪٽڻ جي ضرورت نه هئي، حقيقت ۾ ڪکيندڙ گهڻو زهريلو نه هو.