ٽنڊو محمد خان ويجهو پوليس جو ڇاپو، اسي کان مٿي مهينن جا ڦر هٿ، جوابدار گرفتار

news

ٽنڊومحمدخان: آچر 03 نومبر 2019ع، ٽنڊومحمدخان ضلعي جي ٽنڊوغلام حيدر ٿاڻي جي پوليس خفيا اطلاع ملڻ جي ٻٻري اسٽاپ روڊ تي ڇاپو هڻي 80 کان مٿي مهينن جا  کير پياڪ تازا ڄاول ڦر پوليس هٿ ڪري چئن جوابدارن کي گرفتارڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي.

ان سلسلي ۾ ٽنڊوغلام حيدر پوليس اطلاع ملڻ تي ڪاروائي  ڪندي 80 کان مٿي تازا ڄاول مهينن جا ڦرڙا مزدا گاڏي کي روڪي ڪراچي حيدرآباد ۽ ٻين شهرن جي هائي ويز جي هوٽلن تي ٻاڪرو گوشت ڪري وڪرو ڪيا پيا ويا هٿ ڪري 4 جوابدارن سردار محمد . خالد حسن . محمد عيسى ملاح . حسين قريشي . کي گرفتار ڪري ورتو آهي.